خراساني جاڻ

خراساني جاڻ

خراساني جاڻ

خراساني جاڻ (Henbone/Hyosyamous): هي هڪ پسارڪو وکر آهي، جيڪو زرعي ماحول ۾ ساليانو، ٻه سالا يا دائمي ٻوٽي جي صورت ۾ ملي ٿو. جنهن جو اصل وطن ڀُون وچ سمنڊ، ايشيا، هندستان ۽ پاڪستان آهن. هي هُرٻي/ميٿي جي مشابهه ٻوٽو، پاڻمرادو ڦُٽي ٿو. هن جو قد هڪ کان ٽي فٽ تائين اوچو ٿئي ٿو. هن جا پن بيضوي شڪل جا ٿلها، ٻه انچ ويڪرا، ۽ چار انچ ڊگها ۽ ڏانڊيءَ وارا ٿين ٿا. هن جي پنن ۽ ٻجن مان هڪ اهم جزو هائيوسائمين (Hyoscymine) ملي ٿو. هي طبي ٻوٽو هندستان ۽ ايران جي علائقي خراسان کان اچي ٿو، ان ڪري هن ٻوٽي کي هندستان ۾ جاڻ جي مشابهه سمجهي ’اجوائن خراساني‘ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو. هي ڪم ۽ خاصيتن جي لحاظ کان مختلف ٻوٽو آهي. هن جا پن سبز سياه رنگ جا، گل زرد سبزي مائل ٿين ٿا، هن جو ٻج سنهو ۽ ڀوري رنگ جا داڻا ٿين ٿا. هي ٻوٽو هندستان، سنڌ، بلوچستان، روس، افغانستان، ايران ۽ خراسان ۾ پوکيو وڃي ٿو يا قدرتي طور به ٿئي ٿو.طبي فائدا: حڪيمن جو چوڻ آهي ته هن ٻوٽي جو ست کنگهه ۽ دمڪشيءَ کان آرام، جگر ۽ معدي کي تقويت ۽ هاضمي ۾ بک کي وڌائي ٿو. جڏهن ته ڪن جي سور کي ختم ڪري ٿو. عضون جي وهندڙ خون ۽ حيض واري خون کي روڪڻ جي مدد ڏئي ٿو. جڏهن ته سَنڌن جي سور، اڌ رنگ، لقوه، چيلهه جي چُڪ ۽ مثاني جي پٿري يا ڦٽ لاءِ به مفيد آهي. آبهوا: خراساني جاڻ جي پوک لاءِ ٿڌا ۽ ڊگها اونهاري جا ڏينهن گهرجن. هن جا ٻوٽا ساليانه ۽ ٻه سالا ٿين ٿا، جيڪي پهرين سال ۾ فصل ڏين ٿا، پر هي فصل سياري تائين نٿو رهي. ڪن حالتن ۾ فصل جو ٻئي سال لابارو ڪيو وڃي ٿو. هنن ٻوٽن ۾ الٽي آڻيندڙ بدبوء ٿئي ٿي. پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: پوکيءَ کان اڳ زمين بهتر نموني تيار ڪبي آهي، جنهن ۾ ڀاڻ ۽ نامياتي مادو وغيره ڀرپور ڏجي. هن فصل جي پوک ٻيجاري ذريعي ڪئي وڃي ٿي. ٻيجارو ڪونڊين تان سڌيءَ زمين تي تيار ڪجي ۽ اهو تڏهن منتقل ڪجي، جڏهن ان ۾ ڪجهه پن ٺهيا هجن. ٻيجارو وچ سياري يا بهار ۾ لڳائجي، ۽ اپريل کان مئي ۾ رونبو ڪجي، جنهن دوران ڏينهن جهڙالا ۽ ٿڌا هئڻ گهرجن. ٻيجاري جي سلن ۾ مٽي لڳل هجي. ڪن حالتن ۾ ٻيجارو ٽن انچن جي ڪونڊين ۾ تيار ڪري پوءِ زمين ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو. هي ٻوٽا 15 انچن جي مفاصلي تي قطارن ۾ ٽيهه انچ وڇوٽيءَ ۾ پوکيا وڃن. فصل جي سنڀال: گرميءَ سبب هن فصل جي ٻوٽن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڇانورو ڪجي. ٻوٽن کي پاڻي ضرورت مطابق ڏيندو رهجي، پاڻي گهڻو ۽ اونهو استعمال نه ڪجي، ڇاڪاڻ ته هي ٻوٽا هڪ فٽ جي اونهائيءَ تي پاڻي کڻن ٿا. ٻوٽن جي مرجهائجڻ ۽ ختم ٿيڻ جو سبب گهڻو پاڻي ڏيڻ آهي. لابارو ۽ پيداوار: هنن ٻوٽن ۾ گل ڦل، جون کان آگسٽ تائين ٿين ٿا. هن جو ڦل بيضوي شڪل جو ٿئي ٿو. هن فصل جا پن، ڏانڊيون ۽ گل آگسٽ ۾ هٿ سان پٽيا وڃن ٿا، جڏهن اهي پوري جوڀن ۾ اچن ٿا. هنن کي خشڪ ڪرڻ وارو طريقو ساڳيو تماڪ وارو آهي. هن جا ٻج خاڪي رنگ جا ۽ سخت ٿين ٿا. هي فصل 650 ڪلو گرام في هيڪٽر خشڪ مادو پيدا ڪري ٿو.


لفظ خراساني جاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو